تازه ترين

سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران تعليمي ادارن جي ڪينٽين جو معائنو ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران تعليمي ادارن جي ڪينٽين جو معائنو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل پاران فوڊ سيفٽي آفيسرن کي اڄ کان تعليمي ادارن جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته ڪينٽين ۾ کاڌي جي معيار جو جائزو ورتو ويندو. ڊي جي مزمل حسين هاليپوٽو جو چوڻ هو ته فوڊ اٿارٽي شين تي ليبلنگ ۽ مدو ختم ٿيڻ جي تاريخ به چيڪ ڪندي. سندس چوڻ هو ته غير معياري شيون وڪڻڻ تي ڪينٽينز کي سڌارن لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويندو. ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي جو چوڻ هو ته مهم جو مقصد تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي صحت لاءِ فائديمند ۽ معياري خوراڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي. سندس چوڻ هو ته اٿارٽي ڪينٽين مالڪن ۽ انتظاميا کي حفظان صحت جي اصولن بابت فوڊ سيفٽي آفيسر آگاهي ڏين.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون