- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي هڪ شهري کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڊفينس فيز فائيو توحيد ڪمرشل آئيڊيل بيڪري ڀرسان هٿياربندن بينڪ مان رقم ڪڍرائي ايندڙ شهري محمد سعيد پٽ الله بخش کان ڦر جي ڪوشش ڪئي.
ڦر دوران مزاحمت تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري شهري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
واقعي بعد ڇيپا ايمولينس ذريعي مارجي ويل شخص جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب شهري ڪنهن اڪائونٽ مان پيسا ڪڍرائي وڃي رهيو هو ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن سندس پيڇو ڪيو.
پوليس موجب محمد سعيد کي محسوس ٿيو ته پٺيان ڪير اچي رهيو آهي ته هُن سائيڊ تي پان ڪيبن وٽ موٽرسائيڪل روڪي، جتي جوابدارن پهچي رقم ڦر جي ڪوشش ڪئي ۽ چار کان پنج فائر ڪري موقعي تي فرار ٿي ويا
- Advertisement -
