تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪا ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، لڳي نه ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ تحريڪ انصاف باني جي آزادي جي ڳالهه ڪندو : خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪا ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، لڳي نه ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ تحريڪ انصاف باني جي آزادي جي ڳالهه ڪندو، آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ٿينديون، گڏ هلندا پر ضرورت واري هنڌ اختلاف ڪيو ويندو، غزا، لبنان ۽ عراق ۾ جنگبندي ٿيڻ گهرجي، نئين آمريڪي حڪومت کي جنگبندي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته آمريڪا ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت آهي، اتي پاڪستان کان وڌيڪ مضبوط اسٽيبلشمينٽ آهي. سندس چوڻ هو ته لڳي نه ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ تحريڪ انصاف باني جي آزادي جي ڳالهه ڪندو، هڪ شخص جي خاطر ڪير به پنهنجا لاڳاپا خراب نه ڪندو. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته آمريڪا سان جتي ٻه طرفي لاڳاپن جي ڳالهه ٿيندي گڏ هلندا پر جتي ضرورت پئي ڀرپور اختلاف ڪيو ويندو. هن چيو ته نسل ڪشي بند ٿيڻ گهرجي ۽ نئين آمريڪي حڪومت کي جنگبندي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، جنگبندي لاءِ گڏيل قومن سميت ڪنهن به فورم تي هو آجيان ڪندا. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته غزا، لبنان ۽ عراق ۾ جنگبندي ضروري آهي، هن معاملي تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
23 %
2.7kmh
2 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون