تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ ايم ايف مني بجيٽ آڻڻ لاءِ پاڪستان تي دٻاءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آءِ ايم ايف مني بجيٽ آڻڻ لاءِ پاڪستان تي دٻاءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، عالمي مالياتي فنڊ جو مشن ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندو، ورچوئل گڏجاڻين ۾ پاڪستاني اختياريون آءِ ايم ايف کي سڌارن جي پروگرام تي مطمئن نه ڪري سگهيون. پاڪستان طرفان هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي بعد مني بجيٽ آڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي، مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 321 ارب رپين جي ٽيڪس خساري جو امڪان آهي، جنهن بعد آءِ ايم ايف ايندڙ هفتي پنهنجو هنگامي مشن پاڪستان اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي سربراهيءَ ۾ 11 نومبر کان 15 نومبر تائين معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي، ٽيم پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف قرض پروگرام جو به جائزو وٺندي. آءِ ايم ايف ٽيم ايف بي آر طرفان هلندڙ مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن دوران جمع ڪيل ٽيڪس ريونيو جي هدف ۾ شارٽ فال جو به جائزو وٺندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد جو اوچتو دورو ڪرڻ جو فيصلو بنيادي طور تي ان سبب ڪيو ويو آهي ته ورچوئل گڏجاڻين ۾ پاڪستاني اختياريون آءِ ايم ايف کي سڌارن جي پروگرام تي مطمئن نه ڪري سگهيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
23 %
2.7kmh
2 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون