تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف اڄ بجلي اگهن ۾ رليف جو اعلان ڪندو: عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ بجلي اگهن ۾ رليف جو اعلان ڪندو، ملڪ ۾ سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارات ۽ آذر بائيجان مان سيڙپڪاري اچي رهي آهي،  وزيراعظم شهباز شريف 10 نومبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو، ڪي پي حڪومت جو سمورو ڌيان جلسن ۽ جلوسن تي آهي، تحريڪ انصاف وارا مظاهرا رڳو پنهنجي ليڊر جي آزاديءَ لاءِ ڪري رهيا آهن، ڪي پي حڪومت جو عوامي مسئلن تي ڪو به ڌيان ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ملڪي معيشيت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪن پيا، معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ بعد هو ترقي طرف وڌي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ ڏڦيڙ جي عادت آهي ته عوامي هنڌن تي بداخلاقي ڪري، بداخلاقي ڪرڻ بعد وڳوڙي عنصر هاڻي سوشل ميڊيا تي معافيون گهري رهيا آهن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته تحريڪ ڏڦيڙ وارا پنهنجي صوبي ۾ احتجاج ڪري ڪنهن کان ڇا مطالبو ڪندا؟، پي ٽي آءِ جي ناڪاري پروپيگنڊا باوجود ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪي پي حڪومت جو سمورو ڌيان جلسن ۽ جلوسن تي آهي، تحريڪ انصاف وارا مظاهرا رڳو پنهنجي ليڊر جي آزاديءَ لاءِ ڪري رهيا آهن، ڪي پي حڪومت جو عوامي مسئلن تي ڪو به ڌيان ناهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ بجلي اگهن ۾ رليف جو اعلان ڪندو، ملڪ ۾ سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارات ۽ آذر بائيجان مان سيڙپڪاري اچي رهي آهي،  وزيراعظم شهباز شريف 10 نومبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون