- Advertisement -
سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ هائيڪورٽ جي آئيني بئنچن جو فيصلو نه سگهيو، جڏهن ته ججن خلاف ڏهه شڪايتون اڻپورن ثبوتن سبب خارج ڪيون ويون.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائوسنل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يارهن ميمبرن شرڪت ڪئي، جسٽس جمال مندوخيل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جو نمائندو اختر حسين شرڪت نه ڪئي.
سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ اسلام آباد هائيڪورٽ جي ڇهن ججن جي خط تي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي غور ڪيو ويو، جڊيشل ڪائونسل جو ڪوڊ ججن کانسواءِ ٻين ادارن تي به لاڳو ٿئي ٿو.
پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي معاملي تي صلاح مشوري جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايندڙ اجلاس ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ترميم تي غور ڪيو ويندو.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي طرفان پيش ڪيل تجويز جي منظوري ڏني وئي.
پڌرنامي موجب اجلاس ۾ ججن خلاف ڏهن شڪايتن جو جائزو به ورتو ويو، جيڪي اڻپورن ثبوتن سبب خارج ڪيو ويون.
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ هائيڪورٽ جي آئيني بئنچن جو فيصلو نه ٿي سگهيو، سنڌ هائيڪورٽ جا سمورا جج آئيني بئنچن لاءِ 24 نومبر تائين ڪم جاري رکندا، جڊيشل ڪميشن جو ايندڙ اجلاس 25 نومبر تي ٿيندو.
پڌرنامي موجب جڊيشل ڪائونسل فيصلو ڪيو ته ڪائونسل جو اجلاس ماهوار بنيادن تي ٿيندو، جنهن جو مقصد شڪايتون جلد اڪلائڻ آهي، ڪوڙيون ۽ بي بنياد شڪايتون ڪندڙن خلاف ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي.- Advertisement -
