تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملو ڪندڙ بمبار جي سڃاڻپ، 3 مددگار گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملو ڪندڙ بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي ۽ ٽن مددگارن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ سرڪار طرفان جاچ ٽيم کي 5 ڪروڙ رپيه انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان آپگهاتي بمبار ۽ سندس مددگارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ڌماڪي ۾ ڪيميڪل سان گڏ آري ڊي ايڪس استعمال ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ايئرپورٽ ٻاهران حملي ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا هئا، ڌماڪي واري هنڌ تان هڪ گاڏي جو چيچس ۽ نمبر پليٽ ملي هئي. سندس چوڻ هو ته حملو ڪندڙ شاهه فهد جي سڃاڻپ فنگر پرنٽس ذريعي ڪئي وئي، هوائي اڏي ٻاهران حملي ۾ ٻن جوابدارن فرحان ۽ محمد سعيد به حملو ڪندڙن جي مدد ڪئي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته فرحان ۽ محمد سعيد رڪشا ڊرائيور آهن ۽ حملو ڪندڙن جي مدد ڪئي آهي، مددگاري ۾ سعيد علي ۽ بينڪ ملازم بلال به شامل هئا. هن چيو ته حملي ۾ استعمال ڪيل گاڏي ڪراچي مان خريد ڪئي وئي، پيسن جي ادائگي حب جي خانگي بينڪ ذريعي ڪئي وئي، مددگار دانش، گل رحمان ۽ بشير زيڊ اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا. صوبائي گهرو وزير چيو ته جوابدار جاويد ايئر پورٽ اندران چيني شهرين جي ٻاهر نڪرڻ جو فون تي اطلاع ڏنو ۽ وڊيو ٺاهي بي ايل اي کي اماڻي، حملو ڪندڙ سان جاويد رابطي ۾ هو. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته دهشتگردن چيڪنگ ۾ نرمي لاءِ گل نساءَ نالي عورت کي استعمال ڪيو، ڪراچي هوائي اڏي جي ريڪي ڪندڙ جوابدار جاويد، گل نساءَ ۽ فرحان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هو جاچ ٽيم کي 5 ڪروڙ رپيه انعام ڏيڻ جو اعلان ڪن ٿا. صوبائي گهرو وزير چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان آپگهاتي بمبار ۽ سندس مددگارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ڌماڪي ۾ ڪيميڪل سان گڏ آري ڊي ايڪس استعمال ڪيو ويو. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته هو بي ايل اي ۽ ايس آر اي کي پيغام ڏين ٿا ته سنڌ ۾ اهڙيون ڪارروايون نه ڪيون وڃن، سنڌ امن جي ڌرتي آهي. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته پاڪستان کي ڪمزور ڪندڙن ۾ ڪو هڪ شخص شامل ناهم هاڻي ڪنهن ڏوهاري کي ڏينهن ڏٺي سرگرمين جي اجازت نه ڏني ويندي، ميرپورخاص واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ شفاف نموني جاچ ڪرڻ هاڻي ايف آءِ اي جي ذميواري آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون