تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪ ۾ جاري سموگ جي لهر شهرين جي جان نه ڇڏي، دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ اوليائن جو شهر ملتان پهرين ۽ لاهور ٻئي نمبر تي برقرار آهي

- Advertisement -
ملڪ ۾ جاري سموگ جي لهر شهرين جي جان نه ڇڏي، دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ اوليائن جو شهر ملتان پهرين ۽ لاهور ٻئي نمبر تي برقرار آهي. ملتان شهر جي مجموعي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 597 پوائنٽس رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جي موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي. دنيا جي آلوده شهرن ۾ لاهور ٻئي نمبر تي آهي، شهر ۾ سموگ جي سراسري شرح 393 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڊي ايڇ اي جي علائقي جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 896 تائين پهچي وئي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو هڪ سلسلو ملڪ ۾ اڄ داخل ٿيندو، 15 ۽ 16 نومبر تي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، برسات سبب لاهور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس ۾ واضح گهٽتائي رڪارڊ ڪئي ويندي. خيبرپختونخوا ۾ سموگ گهٽ ٿيڻ لڳو، صوبائي راڄڌاني پشاور ۾ سموگ ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، پشاور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 187 تي اچي وئي آهي. دنيا جي آلوده ترين شهرين ۾ پشاور ٽئين نمبر کان ڇهين نمبر تي پهچي ويو، هري پور ۾ 200 ۽ ايبٽ آباد ۾ 163 اي ڪيو آءِ رڪارڊ ڪيو ويو. پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ ۽ ڪوهيڙي سبب مختلف موٽرويز ڪيترن ئي هنڌن تان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. سٽي ٽريفڪ پوليس ترجمان ۽ موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته سموگ ۽ ڪوهيڙي سبب حد جي نظر گهٽ ٿيڻ تي موٽر وي ايم ٽو کي لاهور کان شيخوپورا، موٽر وي ايم فور کي لاهور کان درخانه ۽ ايم 11 سيالڪوٽ موٽروي کي سمبڙيال تائين بند ڪيو ويو. ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽرويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر يقيني بڻائڻ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، روڊ يوزرز سموگ ۽ ڪوهيڙي جي سيزن ۾ ڏينهن جي سفر کي ترجيح ڏين، رات جو سفر کان پاسو ڪندي گاڏي جي اڳيان ۽ پٺيان فوگ لائٽس جو استعمال ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون