تازه ترين

صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس: پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس 2 پٽ آجا قرار

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي جي عدالت ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ قطعي چالان پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن کي آجو قرار ڏنو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ڊي ايس پي قطعي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن کي آجا قرار ڏنو ويو. ڪيس جي چالان ۾ اصغر، برڪت ۽ عبدالله لنڊ کي جوابدار ڄاڻايو ويو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جوابدار ڌر جي وڪيل قربان ملاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاچ آفيسر خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن کي آجو قرار ڏنو آهي، ڪنهن به ڌر ايس ايس پي تنوير تنيو جي جاچ تي اعتراض نه ڪيا آهن. صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار حڪومتي ڌر جا آهن، ٻيهر جاچ جي ڪهڙي ضرورت آهي، سيشن جج چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. هن الزام هڻندي چيو ته 2 هفتا اڳ جوابدار ڌر نياپو ڪرايو هو ته خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا ڪيس مان نڪري رهيا آهن، اوهان ڇا ڪندا. صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو ته جوابدارن ٺاهه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، هو ڪيس کي اعليٰ عدالتن ۾ کڻي ويندا، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
11 %
3.1kmh
2 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون