- Advertisement -
ملير پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث ٻن عورتن کي گرفتار ڪري منشيات ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي.
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي جو چوڻ آهي ته ملير سٽي ٿاڻي جي حد آسو ڳوٺ ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
هن چيو ته پوليس ڪارروائي دوران منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث ٻن عورتن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي چيو ته گرفتار عورتن جي عزيزه عرف چيلي ۽ جنت بي بي عرف مامي طور سڃاڻپ ٿي.
سندس چوڻ هو ته گرفتار عورتن وٽان 2 ڪلو کان وڌيڪ هيروئن ۽ ڏهه هزار رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي چيو ته جاچ دوران گرفتار عزيزه عرف چيلي انڪشاف ڪيو ته هوءَ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ عورتن ذريعي منشيات وڪرو ڪرڻ جو نيٽ ورڪ هلائي رهي هئي، جنهن ۾ سندس مددگار عورت به شامل هئي.
هن چيو ته گرفتار ٻئي عورتون پهريان به منشيات جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪيون آهن.
ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي چيو ته ملير سٽي پوليس گرفتار عزيزه ۽ جنت بي بي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.- Advertisement -
