- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو موقف واضح آهي، 6 ڪينالن جو منصوبو منظور ناهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ به ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي هئي، پيپلزپارٽي سنڌ جي نمائنده پارٽي آهي، سنڌ جي پاڻي جو هڪ قطرو به نه ڏيندا.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي تي سوشل ويلفيئر کاتي جي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي تحت آگاهي واڪ ڪئي وئي.
آگاهي واڪ ۾ صوبائي وزير ذوالفقار شاهه، مير طارق ٽالپر، رياض شاهه شيرازي، خاص مددگار آصف خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻارڙن جو عالمي ڏينهن هر سال ٻارن جي حقن ۽ سندن ڀلائي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي طرفان ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ واڪ ڪرائڻ سٺو سنوڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻار سندن معاشري جا سڀ کان قيمتي ميمبر آهن، ملڪ ۾ پوليو جا 52 ڪيس رپورٽ ٿيا، ملڪ مان پوليو جو خاتمو ضروري آهي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پوليو جي خاتمي لاءِ انقلابي قدم کنيا هئا، کين ٻارن جي حقن جو خيال رکڻو ۽ بهتر تعليم ڏيڻي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سندن وٽ اسيمبليءَ ۾ ٻه ڀاڳي 3 کان وڌيڪ نمائندگي آهي، مسلم ليگ نون کي خدشن بابت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تفصيل سان ٻڌايا، هو مسلم ليگ نون سان خدشا ڳالهيون ذريعي ختم ڪرڻ چاهن ٿا.
هن چيو ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو موقف واضح آهي، 6 ڪينالن جو منصوبو منظور ناهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ به ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي هئي، پيپلزپارٽي سنڌ جي نمائنده پارٽي آهي، سنڌ جي پاڻي جو هڪ قطرو به نه ڏيندا.- Advertisement -
