- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان بارڊر مان دهشتگردن جي داخل ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان افغان عبوري حڪومت اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ لاءِ مسلسل چوندو پيو اچي، اميد ته افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز طرفان ٻي ڪارروائي خيبر ضلعي جي علائقي باڙا ۾ ڪئي وئي، جتي دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ حق يار آفريدي عرفب خيبري ۽ گلا جان شامل آهن…..- Advertisement -
