ڪرم ضلعو بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڪي پي حڪومت صوبي مان گم آهي:بلاول ڀٽو زرداري

spot_img
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪرم ايجنسي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪي پي گورنر کان ڪرم ضلعي جي صورتحال تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. هڪ بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪرم ضلعو بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڪي پي حڪومت صوبي مان گم آهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪرم ضلعي ۾ ٽن ڏينهن ۾ 80 شهري قتل ٿي ويا، ماڻهو گهرن ۾ به محفوظ ناهن، بدامني دوران حڪومت جو خاموش تماشائي بڻجڻ دهشتگردن جي اتحادي هئڻ برابر آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته امن امان قائم ڪرائڻ صوبائي حڪومتن جي پهرين ترجيح آهي، پي ٽي آءِ حڪومت شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪي پي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ پ پ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، ڪي پي کي ايئن بدامني جي باهه ۾ سڙندي نٿا ڏسي سگهن.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
16%
2.5m/s
0%
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °
اربع
17 °

تازه ترين خبرون