تازه ترين

پي ٽي آءِ باني اين آو چاهي ٿو، پي ٽي آءِ کي سياست جو طريقو تبديل ڪرڻو پوندو:ناصر حسين شاهه

- Advertisement -
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اين آو چاهي ٿو، پي ٽي آءِ کي سياست جو طريقو تبديل ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاهه ۽ ڏڦيڙ جي سياست ڪري ٿي، پي ٽي آءِ وارا 9 مئي واقعن بابت ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. هن چيو ته  پي ٽي آءِ باني اين آر او چاهي ٿو، تحريڪ انصاف جا وڪيل ڪيس وڙهڻ بدران  سياست ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جو اهو سياسي طريقو ٺيڪ ناهي، انهن جو مطالبو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو وڃي، سندس آزادي احتجاج نه پر عدالتن ذريعي ٿيندي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي پرامن احتجاج جي حمايت ڪري ٿي، ڪراچي مان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، ان جو سمورو ڪريڊٽ ذوالفقار شاهه ڏانهن وڃي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون