تازه ترين

ميرپورخاص پوليس ھٿان جڙتو مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ اڳوڻي ايس ايس پي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ميرپورخاص پوليس ھٿان جڙتو مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي، جنهن ۾ ايف آءِ اي ۽ پوليس پاران الڳ الڳ شروعاتي جاچ رپورٽون پيش ڪيون ويون.. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي عملدارن جاچ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ جي عدالت کي استدعا ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدار ڌر جي وڪيلن اعتراض واريو تھ ساڳئي ڪيس جون 2 ايف آءِ آر داخل ٿيڻ واري معاملي کي ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آھي، جنھن جي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تي رکي وئي آھي، جنھن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي بعد ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فريادي ڌر جي وڪيلن بئريسٽر اسد الله شاھ راشدي، اظھر آرائين ۽ ٻين ٻڌايو تھ عدالت ڪيس ۾ گھربل اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد سونھارو جسڪاڻي ۽ ميرپورخاص جي اڳوڻي ايس ايس پي اسد علي چوڌري جي روپوش ٿيڻ تي سندن خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آھن. ان موقعي تي مقتول جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر ڳالھائيندي چيو تھ هنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان گھر ڪئي آهي تھ جڊيشل جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏھن ائين نه ٿيو ته آئيني پٽيشن داخل ڪنداسين. ھن چيو تھ قبرڪشائي ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ ۾ اھو ظاھر ٿيو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جون 4 پاسراٽيون زندھ ھوندي ٽوڙيون ويون ھيون، جڏھن تھ پھرين ڏينھن پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر اھڙي ڪا رپورٽ پيش نھ ڪئي، جنهن تي ڊاڪٽرن ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، ٻي صورت ۾ هو ڊاڪٽر خلاف عدالت ۾ قانوني ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪرائيندا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون