تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي تي قوم کي مبارڪ

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک پوائنٽس جي حد ڪراس ڪرڻ تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽس جي حد پار ڪئي، اهو حڪومتي پاليسين تي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي ڀروسي جي نشاندهي ڪري ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومتي معاشي ٽيم ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾  مصروف آهي، سندن خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته هن پنهنجي قوم سان عهد ڪيو هو ته ملڪي معاشي استحڪام ۽ ملڪي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. سندس چوڻ هو ته  ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل سان قرباني ضايع نه ٿي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر پٽڙي تان لاهڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون