- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي لکت ۾ معافي وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عمر سومرو موقف اختيار ڪيو عدالتي حڪم باوجود اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
عدالتي حڪم باوجود ڪيس داخل ڪرڻ تي عدالت پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي نوابشاهه ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ کي لکت ۾ معافي وٺڻ جو حڪم ڏنو.
ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ڊي ايس پي لکت ۾ عدالت کان معافي گهري ورتي.
عدالت جو چوڻ آهي ته غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪن ٿا ته عدالت کي لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي.- Advertisement -
