تازه ترين

ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳڻ واري ڳالهه خراب آهي:سعيد غني

- Advertisement -
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳڻ واري ڳالهه خراب آهي، پر صوبي جا وسيلا اسلام آباد تي  ڪاهه لاءِ استعمال ٿيا. ڪراچيءَ ۾ نجمي عالم، وقار مهدي ۽ اقبال ساند سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پ پ چيئرمين حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ اندر جدوجهد ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ماضيءَ ۾ به اسلام آباد ۾ تباهي ڪري آئي، هاڻي به نقصان ڪيو. سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽيءَ کي 57 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان عرصي ۾ پارٽيءَ  وڏين ڏکيائين کي منهن ڏنو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو  جو منشور هو ته هن جي سياست عام ماڻهن تائين پهچي. سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽيءَ ملڪ کي آئين ڏنو ۽ ارڙهين ترميم ذريعي آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو. صوبائي وزير چيو ته پ پ جي 57هين سالگرهه جي موقعي تي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي جلسي کي خطاب ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
55 %
2.6kmh
3 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون