- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن دوران معاشي ۽ امن امان جي صورتحال سميت 21 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.
پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس جو شام چار وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، جنهن لاءِ 21 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ معاشي معاملن جو جائزو ورتو ويندو.
ذريعن موجب، بگاس مان بجلي ٺاهيندڙ 8 پاور پلانٽس جي ٽيرف جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي، انهن 8 ڪمپنين ۾ جي ڊي ڊبليو، چنيوٽ پاور، حمزه شگر، الموعيز، انڊسٽري، ٿل انڊسٽريز ۽ چنار انرجي شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪس جي اوڳاڙي لاءِ قدمن بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي، وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي پرڏيهه بزنس ڪلاس تي سفر جي اجازت بابت غور ٿيندو.
ذريعن موجب، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ترميمي بل 2024 جي منظوري بابت فيصلو ٿيندو، پرڏيهه ۾ پاڪستان چيئرز بابت مفاهمتي يادداشتن جي تجديد جي منظوري جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ يوريا قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو ورتو ويندو.
ذريعن موجب، اسلام آباد سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ڊويلپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو به امڪان آهي- Advertisement -
