- Advertisement -
مرڪزي جرمني جي شهر ميگڊيبرگ ۾ ڪار سوار شخص ڪرسمس مارڪيٽ ۾ خريداري لاءِ موجود ماڻهن مٿان ڪار چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جرمن عملدارن طرفان صرف هڪ ڄڻي جي مارجڻ جي تصديق ڪئي جڏهن ته علائقائي حڪومت جي ترجمان واقعي کي حملو قرار ڏنو آهي.
جرمن ميڊيا موجب، مقامي حڪومت جي ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته پوليس واقعي ۾ ملوث ڪار ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڪرسمس مارڪيٽ به عارضي طور بند ڪئي وئي ۽ ايمرجنسي سروسز موقعي تي موجود آهن.
جرمن عملدارن موجب، ڪرسمس بازار ۾ ملوث گرفتار شخص سعودي شهري ۽ ڊاڪٽر آهي، هو 2006 کان جرمني ۾ ترسيل آهي.
واضع رهي ته برلن جي اولهه ۾ موجود ميگڊيبرگ شهر 2 لک 24 هزار آبادي تي ٻڌل آهي…- Advertisement -
