غزه جي هٿين خالي فلسطينين مٿان اسرائيل جا ظلم جاري،وڌيڪ 77 فلسطيني شهيد ۽ 177 زخمي

- Advertisement -
غزه جي هٿين خالي فلسطينين مٿان اسرائيل جا ظلم جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فورسز جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 77 فلسطيني شهيد ۽ 177 زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته پناهگير ڪيمپن تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 25 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ٻن اسڪولن تي اسرائيلي بمباري سبب 15 ڄڻن شهادت ماڻي. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ 45 هزار 206 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته زخمين جو تعداد هڪ لک 7 هزار 512 تائين پهچي ويو آهي. ٻئي پاسي حماس ڏکڻ غزه ۾ 5 اسرائيلي فوجين کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي. القسام بريگيڊ جو چوڻ آهي ته اسرائيلي اسنائپر ۽ هڪ فوجي جباليه ڪيمپ ۾ ماريو ويو، جڏهن ته اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻائڻ جي ويڊيو به جاري ڪئي وئي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
11.7 ° C
11.7 °
11.7 °
43%
1.2m/s
43%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
23 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون