- Advertisement -
ڏکڻ ڪوريا ۾ ليڊنگ دوران جهاز کي باهه لڳڻ سبب 28 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ مسافر جهاز ۾ ليڊنگ دوران باهه لڳي وئي جنهن سبب 28 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٻن ڄڻن کي زنده ڪڍيو ويو جڏهن ته جهاز جي پوئين حصي ۾ موجود مسافرن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حادثو ليڊنگ گيئر ۾ خرابي سبب پيش آيو، جهاز رن وي تان لهي پاسي ۾ لڳل ڪنڊيدار تارن سان وڃي ٽڪرايو جنهن سبب باهه لڳي ايمرجنسي عملي فوري طور تي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حادثو ڏکڻ ڪوريا جي علائقي ۾ موجود موان ايئرپورٽ تي پيش آيو.
رپورٽ موجب، ڏکڻ ڪورين ايئرلائين جي اڏام ۾ 175 مسافر ۽ 6 فلائٽ اٽينڊنٽ سوار هئا جنهن ته حادثي جو شڪار جهاز ٿائيلينڊ جي شهر بنڪاڪ کان واپس اچي رهيو هو- Advertisement -
