- Advertisement -
تحريڪ انصاف باني جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس جو فيصلو ملتوي ٿيڻ تي خوشي ناهي، جج کي باني کي سزا جو فيصلو ٻڌائڻ ۾ مشڪل ضرور ٿيندي.
ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته اڄ سندن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ٿي هئي، جيڪو وقت ڏنو ويو هو، هو وقت تي پهچي ويا.
سندس چوڻ هو ته اڄ تعجب ٿيو ته هو وقت تي پهتا ڇو ته پي ٽي آءِ باني کي سزا ٻڌائڻي هئي، جيڪو صاحب اهو چئي ويو ته جوابدارن جي غير موجودگي سبب سزا معطل ٿي آهي، پي ٽي آءِ باني خلاف ڪيس جو فيصلو ملتوي ٿيڻ تي خوشي ناهي.
تحريڪ انصاف باني جي ڀيڻ عليما خان چيو ته هو چاهن ٿا ته هن ڪيس جو فيصلو جلدي ٿئي ته جيئن دنيا کي خبر پئي، جج کي باني کي سزا جو فيصلو ٻڌائڻ ۾ مشڪل ضرور ٿيندي، حڪومت وڌيڪ دٻاءُ ۾ آهي ڇو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ڏسي رهي آهي.
عليما خان چيو ته تحريڪ انصاف باني 2 مطالبا ڪيا هئا، 9 مئي ۽ 26 نومبر جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو هو، هاڻي هو 17 تاريخ جو انتظار ڪندا ته هي ڪهڙي همت ڪن ٿا ۽ فيصلو ٻڌائن ٿا.- Advertisement -
