- Advertisement -
ڪويت جي عدالت اڳوڻي گهرو وزير کي ڪرپشن ڪيسن ۾ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت پاران اڳوڻي گهرو ۽ بچاءَ واري وزير شيخ طلال الخالد کي سرڪاري فنڊ ۾ ڪرپشن جي ڪيس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪويت جي عدالت اڳوڻي وزير کان 9 لک 50 هزار دينار جي وصولي جو به حڪم ڏيندي هڪ ٻئي ڪيس ۾ کيس 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
ان کان اڳ اڳوڻو وزير جاچ ڪميٽي ۽ عدالت ۾ پيش ٿيو هو، جنهن پنهنجي خلاف داخل ڪيل ٻن ڪيسن ۾ لڳايل الزامن سميت غبن ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن کي به رد ڪيو.- Advertisement -
