- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين ۾ ظاهري طور ڪا اڳڀرائي نظر نٿي اچي.
مردان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پراميد آهن ته الله انهن ڳالهين کي ڪامياب ڪري.
هن چيو ته ڪي پي ۾ حڪومت جي ڪا رٽ ناهي، حڪومت نالي ڪا شيءَ نه آهي، هن صوبي ۾ صرف رشوت جي بازار گرم آهي.
سندس چوڻ هو ته طاقت سان مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، هو جرڳي سان مسئلن جي حل کي ترجيح ڏين ٿا.
مولانا فضل الرحمان چيو ته وٽن نظام موجود آهي، هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ بدران سياستدانن سان ڳالهيون ڪيون وڃن…- Advertisement -
