وفاقي سرڪار طرفان سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو اعتراف ڪري ورتو

spot_img
وفاقي سرڪار طرفان سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو اعتراف ڪري ورتو، سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته پنجاب پنهنجي حصي مان نوان ڪئنال ڪڍي رهيو آهي،  سنڌ به پنهنجي حصي مان ڪئنال ڪڍي سگهي ٿي، ڪنهن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جائز ناهي،  جيڪڏهن ڪو پنهنجي حصي مان ڪئنال ڪڍڻ چاهي ٿو ته ڪهڙو ڏوهه آهي، پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان وڌيڪ علائقا آباد ڪرڻ جو خواهشمند آهي. سينيٽ جي اجلاس دوران پ پ طرفا نسنڌوءَ مان ڪنئال ڪڍڻ وارو معاملو اٿاريو ويو. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته سنڌ ۾ پاڻي آهي ئي ناهي، ست ملين ايڪڙ زمين ڪيئن ٿيندي؟  ڪراچي جهڙي شهر ۾ پئسن تي به پاڻي نه ملي رهيو آهي. هن چيو  سنڌو درياهه مان چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو قبول ناهي. شيري رحمان چيو ته   سينيٽ ۾  درست انگ انگر پيش نه ٿيندا آهن، سي سي آءِ جو اجلاس هر ٽن مهينن کانپوءِ ٿيڻ گهرجي. شيري رحمان کي جواب ڏيندي ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پنجاب پنهنجي حصي مان نوان ڪئنال ڪڍي رهيو آهي،  سنڌ به پنهنجي حصي مان ڪئنال ڪڍي سگهي ٿي. هن چيو ته  ڪنهن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جائز ناهي،  جيڪڏهن ڪو پنهنجي حصي مان ڪئنال ڪڍڻ چاهي ٿو ته ڪهڙو ڏوهه آهي. عرفان صديقي چيو ته پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان وڌيڪ علائقا آباد ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10 ° C
10 °
10 °
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون