دادو ۾ پارڪو لائين مان تيل چوري واري معلي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي چوري واري هنڌ تي پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون.
ايس ايس پي دادو پاران معاملي جي سنجيدگي تي خط لکڻ بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد جاچ ٽيم جوڙي ورتي آهي.
ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران جوڙيل ٽيم ۾ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار شيراز نظير عباسي کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ڊي ايس پي سيوهڻ احمد بخش راهوجو کي ڪاميٽي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي پاران جوڙيل جاچ ٽيم ڪيس ۾ نامزد چورن سميت حد جي پوليس جي ملوث هجڻ تي به جاچ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
ڊي آءِ جي حيدرآباد جي حڪمن بعد ايس ايس پي ٽنڊو الهيار شيراز نظير سومرو ۽ ڊي ايس پي سيوهڻ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
جاچ ٽيم گرفتار 5 جوابدارن کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪندي.
پارڪو لائين مان تيل چوري ٿيڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي ملوث ھجڻ تي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو ويو هو…………
دادو ۾ پارڪو لائين مان تيل چوري واري معلي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي چوري واري هنڌ تي پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


