والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم اسلامي جهاد ۽ اسرائيل وچ ۾ يرغمالي عورت اربيل يهود جي آزادي جو معاهدو طئي ٿي ويو

- Advertisement -
والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم اسلامي جهاد ۽ اسرائيل وچ ۾ يرغمالي عورت اربيل يهود جي آزادي جو معاهدو طئي ٿي ويو. غيرملڪي ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي عورت يرغمالي کي 30 فلسطيني قيدين جي بدلي ۾ ايندڙ هفتي کان اڳ آزاد ڪرڻ جو امڪان آهي. اسرائيل اربيل يهود کي آزادي تائين هزارين فلسطينين کي اتر غزه وڃڻ کان روڪيو هو. فلسطيني اسلامي جهاد جو چوڻ آهي ته يرغمالي اربيل يهود کي ايندڙ هفتي کان اڳ ڪنهن به وقت آزاد ڪيو ويندو، اربيل يهود جي آزادي ٽيهه فلسطيني قيدين جي بدلي ۾ ٿيندي. واضع رهي ته اسرائيل الزام لڳايو هو ته حماس جنگ بندي ۽ يرغمالين جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ڇاڪاڻ تي هن هفتي اربيل يهود کي آزاد نه ڪيو ويو ۽ ان بدران 4 عورت فوجين کي آزاد ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب، 29 ورهين جي اربيل يهود کي سندس بواءِ فرينڊ سان گڏ 7 آڪٽوبر تي هن ئي گهر مان يرغمال بڻايو هو، اربيل يهود کي حماس نه پر اسلامي جهاد گروپ وٽ رکيو ويو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
29%
1.5m/s
0%
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون