- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ نفرت تي ٻڌل بيان بازي سماج لاءِ خطرو آهي.
هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلام انصاف، رحم ۽ سمورين مخلوقن جي احترام جو حڪم ڏئي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان سمورن مذهبن لاءِ هڪ محفوظ ملڪ آهي، دنيا عدم برداشت ۽ ورهاست جي وڌندڙ چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته امن ۽ اتحاد لاءِ اجتماعي عزم جو وچن ڪرڻو پوندو، مذهبي اسڪالر ۽ سماجي اڳواڻ معاشري ۾ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
