- Advertisement -
چوٽياريون واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود سانگهڙ پوليس واقعي ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جي لهر برقرار آهي.
چوٽياريون واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي.
سانگهڙ پوليس پ پ ايم اين اي علائو الدين جوڻيجو جي ويجهي مائٽ ڪيس جي مک جوابدار عطا الله جوڻيجو ۽ سندس پٽ علي حسن جوڻيجو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي.
چوٽياريون جي ڳوٺ جاني ۾ سوڳ جي لهر برقرار آهي.
ڪيس جي جاچ آفيسر ولي محمد ڀنڀري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ کپري ۾ ڇاپا هنيا ويا آهن.
هن چيو ته جوابدارن جي گرفتاري ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙيل آهي جيڪا مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي رهي آهي.- Advertisement -
