- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪوئيٽا جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ امن امان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندو.
صوبائي اختيارين موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچندو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڄام ڪمال خان ۽ ٻيا وفاقي وزير ساڻس گڏ هوندا.
وزيراعظم ايئرپورٽ کان وزيراعليٰ هائوس ويندو، جتي هو امن امان جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪدنو، اجلاس ۾ بلوچستان جو گورنر شيخ جعفر مندوخيل، وڏو وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ٻيا عسڪري ۽ سول عملدار به شريڪ ٿيندا.
اجلاس ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي روڪام سميت ٻيا ٻيا معاملا غور هيٺ ايندا، اجلاس ۾ صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان اهم فيصلن به امڪان آهي.
گورنر هائوس ۾ وزيراعظم سان گورنر، وڏو وزير ۽ صوبائي وزير به ملاقات ڪندا.- Advertisement -
