صدر آصف علي زرداري سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي رهيو آهي. صدر جي دوري دوران ايڊوانس ٽيمن جي چين روانگي شروع ٿي وئي، آصف علي زرداري جون چيني قيادت سان اهم ملاقاتون به شيڊول آهن. صدر آصف علي زرداري چار کان 8 فيبروري تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو، صدر سان اعليٰ سطحي وفد گڏ هوندو. وفد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خاتون اول بختاور ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شامل آهن. ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري زرداري چيني هم منصب سان ملاقات ڪندو ۽ شنگهائي عالمي نمائش ۾ به شريڪ ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر زرداري جي چيني قيادت سان ملاقاتن ۾ سي پيڪ فيز ٽو، پاڪ چين لاڳاپن، علاقائي ۽ عالمي سلامتي سميت ٻين گڏيل معاملن بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
18%
2.5m/s
1%
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون