تازه ترين

ڪرم ضلعي ۾ امن لاءِ ڪوهاٽ ۾ اڄ ٻيهر گرينڊ جرڳو ٿيندو

- Advertisement -
ڪرم ضلعي ۾ امن لاءِ ڪوهاٽ ۾ اڄ ٻيهر گرينڊ جرڳو ٿيندو، جڏهن ته ڌرين هٿيار جمع ڪرائڻ جو طريقيڪار ڪمشنر ڪوهاٽ وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جرگي جي فيصلي موجب ڌرين هٿيار سرڪاري عملدارن وٽ جمع ڪرائڻ جو طريقيڪار ڪمشنر وٽ جمع ڪرايو. ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هٿيار حوالي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي، ڌريون حڪومت وٽ جمع ڪرايل هٿيار پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن به وقت ڏسي سگهنديون. ڌرين کي قانوني هٿيار رکڻ جي اجازت هوندي، جنهن لاءِ حڪومت لائسنس جاري ڪندي. ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي ڪي پي حڪومت اطلاعات واير صلاحڪار بئريسٽر علي سيف چيو ته ڪرم امن معاهدي تحت ڌرين هٿيار جمع ڪرائڻ جو پلان  حڪومت کي ڏنو آهي. هن چيو ته ذاتي حفاظتي لاءِ حڪومت ڌرين کي قانوني طور هٿيارن جا لائسنس جاري ڪندي، بنڪر ڊاهڻ وارو عمل جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون