- Advertisement -
حيدرآباد ۾ ايس ايس پي کي هٽائڻ لاءِ وڪيلن پاران ٻئي ڏهاڙي به باءِ پاس تي ڌرڻو جاري آهي.
وڪيلن رات هاءِ وي تي ويهي گذاري، جڏهن ته سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، سيشن ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ وڪيل پيش نه ٿيا.
وڪيلن جي ڌرڻي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.
احتجاج تي ويٺل وڪيلن جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي آڇ رد کي رد ڪندي ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽائڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ وڪيلن سان ٿيل بداخلاقي جو ذميوار ايس ايس پي آهي، کيس هٽائڻ تائين تحريڪ جاري رهندي.- Advertisement -
