- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ماتحت صوبي جون 145 لائبرريون غير فعال ۽ سار سڀال نه ٿيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي
ٻڌڻي دوران عدالت ڪنڊياري ، ڀريا، خانواڻ ۽ ٺارو شاھ جي لائبررين بابت رپوٽ طلب ڪري ورتي
عدالت صوبي جي سموري لائبررين کي سولر سسٽم تي منتقل ڪيو وڃي
ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي حالت خراب آهي، ڏهرڪي ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جي زمين تي قبضو آهي، 7 ايڪڙ سرڪاري زمين تان عدالت جي حڪم تي قبضو خالي ڪرايو ويو، باقي زمين تي قبضو آهي.
وڪيل عبدالوهاب ڀٽو چيو ته ميرپور ماٿيلو مونو ٽيڪنڪل ڪاليج تي قبضو ڪري ڊي سي گهوٽڪي ڪمپليس ٺاهيو ويو آهي، ڏهرڪي جي پبلڪ لائبرري تي به قبضو ڪيو ويو آهي.
عدالت ميرپور ماٿيلو مونو ٽيڪنيلڪل ڪاليج تي ڊي سي ڪمپليڪس ٺاهڻ ڏهرڪي جي لائبرري ۽ گورنمنٽ ڊگري بوائز ڪاليج ڏهرڪي بابت ڊي سي گهوٽڪي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڊي جي لائبرري اعجاز شيخ ۽ ٻيا واسطيدار عملدار پيش ٿيا
عدالت حيدرآباد ۾ دائود پوٽو لائبريري جي ڪجهه حصي تي قبضو خالي نه ڪرائڻ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي
عدالت چيو ته جيڪو قبضي هيٺ حصو آهي، اهو خالي ڪرائي ان ۾ لائبرري هجڻ گهرجي جيڪو ٻارن جي مستقبل لاءِ بهتر آهي.
عدالت حڪم ڏيندي چيو ته علامه دائود پوٽو لائبريري کي ڪلچر ڊپارٽمنٽ حوالي ڪيو وڃي
عدالت پڇاڻو ڪيو ته انرجي کاتو ڪٿي آهي اهي ڪڏهن لائبررين ۾ سولر هڻندا .؟
ڊپٽي سيڪريٽري انرجي چيو ته اسان وڏي وزير کي سمري اماڻي آهي، پرپوزل ۾ به آهي
سرڪاري وڪيل چيو ته ضلعي هيڊڪواٽرن ۾ پهرين مرحلي ۾ سولر سسٽم آڻيون پيا.
عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا توهان 32 لائبرريون سولر تي کڻي ٿا وڃون
درخواست گذار چيو ته نوشهرو فيروز ضلعي جي ڀريا، خانواڻ، ٺارو شاھ ۽ ڪنڊياري ۾ لائبررين جي حالت خراب آهي
عدالت ڊي سي نوشهرو فيروز کان لائبررين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.- Advertisement -
