- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته معاشي استحڪام جو سفر جاري آهي، جٽادار ترقيءَ لاءِ هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو.
دبئي ۾ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام جو سفر جاري آهي، مستقل ترقيءَ جو سفر ڊگهي ۽ چئلينجن سان ڀريل آهي.
هن چيو ته جٽادار ترقيءَ لاءِ کين هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف جي پروگرام بعد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آيو، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي ٿي.
وزيراعظم چيو ته گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان معدني وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، معدنيات جي شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو، آءِ ٽي جي شعبي ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي.
شهبازشريف چيو ته نوجوانن کي ايَ آءِ ۽ آءِ ٽي ۾ تربيت فراهم ڪري بي پناهه ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا.- Advertisement -
