- Advertisement -
ڇاڇرو ويجهو جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڏاهلي ويجهو ڳوٺ سيار سخي کان عمرڪوٽ ويندڙ مسافر جيپ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ موسيٰ سميجو فوت ٿي ويو، جڏهن ته اسحاق پٽ حسين سميجو ۽ لوڻو ڪنڀار زخمي ٿي پيا.
فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان زخمن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
فوتي موسيٰ سميجو جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
