تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سندن درياهه سُڪي ويو آهي ۽ هو مٿان کان پاڻي کڻي چولستان کي ڏيندا : ذوالفقار ڀٽو جونيئر

- Advertisement -
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو آهي ته سندن درياهه سُڪي ويو آهي ۽ هو مٿان کان پاڻي کڻي چولستان کي ڏيندا، سنڌ کي اڳ ئي ضروت کان گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، هو چاهن ٿا ته هو بغير پاڻي جي رهن، جيڪو ممڪن ناهي. ذوالفقار ڀٽو جونيئر لاڙڪاڻي ۾ هندو ڌرم شالا پهچي واپاري سنجي ڪمار جي وارثن سان تعزيت ڪري هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعي جا ڪيترائي ڪارڻ ٿا سگهن ٿا، هندو برادري سان ظلم ٿي رهيو آهي  ڏينهون ڏينهن هندو ڀائر قتل ٿي رهيا آهن، هو ائين سمجهي ٿو ته هندو سندن خاندان جا فرد آهن جيڪي ماريا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته معاشري ۾ ايتري غربت آهي جو موبائل ۽ کائڻ  لاءِ ماڻهن کي ماريو پيو وڃي. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ چيو ته حڪمرانن آءِ ايم ايف سان سخت ڊيل ڪئي آهي، جنهن ڪري سرڪاري ادارا ختم ٿيندا پيا وڃن، ماڻهن کي صحيح تعليم اسڪول ۽ اسپتالون ناهن، حڪومت مٿان فرض آهي جيڪي قرض جي ڪري عوام جي خدمت نه ٿا ڪري سگهن، هاڻي ته هيٺيون طبقو به هن نظام مان تنگ ٿي چڪو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
26 %
2.7kmh
5 %
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون