- Advertisement -
موسميات کاتي اڄ کان بلوچستان ۾ اولهندي هوائون داخل ٿيڻ ۽ سورنهن ضلعن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهندي هوائن جو هڪ سلسلو آچر جي رات دير سان بلوچستان ۾ داخل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي ڪوئيٽا، زيارت، چمن، مستونگ، پشن، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، چاغي، نوشڪي، قلات، خضدار، بارکان، سبي، هرنائي، زوب ۽ موسى خيل ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾ الرٽ جاري ڪندي شهرين کي غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ ندي نالن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.- Advertisement -
