- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رياستي ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ناهي، ٻيا ملڪ به جمهوريت سان لاڳاپيل چئلينجن کي منهن ڏين پيا، پيپلزپارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، پ پ جو ميثاق جمهوريت ۾ اهم ڪردار هو.
آڪسفورڊ يونين کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن پنهنجي دور ۾ اپوزيشن کي مصرورف رکيو، قومي سياست ۾ ضرورت پوڻ تي پيپلزپارٽي ئي ساٿ ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ احتساب جي نالي تي پيپلزپارٽي کي نشانو بڻايو ويو، آصف علي زرداري پهريون ڀيرو صدر چونڊيو ته ڪوبه سياسي قيدي نه هو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف باني دور ۾ سندس پڦي کي گرفتار ڪيو ويو، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته هو سياسي طور تي ڪنهن کي به نشانو بڻائڻ جا حامي ناهن، مسئلن جي حل لاءِ پيپلزپارٽي ڳالهين تي يقين رکي ٿي.
پ پ چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف باني جي دور سياسي قيدين لاءِ جيل مينو تبديل ڪيو ويو، هاڻي جيل مينو تبديلي ۽ سهولتن جي فراهمي جي اپيل ڪئي پئي وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف علي زرداري سياسي قيدي طور ڊگهو عرصو جيل ۾ گذاريو، پ پ اقتدار ۾ آئي ته هنن چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي ۽ هميشه نيب جي احتساب واري نظام جي مخالفت ڪئي، هو سمجهن ٿا ته رياستي ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.- Advertisement -
