تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

رياستي ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رياستي ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ناهي، ٻيا ملڪ به جمهوريت سان لاڳاپيل چئلينجن کي منهن ڏين پيا، پيپلزپارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، پ پ جو ميثاق جمهوريت ۾ اهم ڪردار هو. آڪسفورڊ يونين کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن پنهنجي دور ۾ اپوزيشن کي مصرورف رکيو، قومي سياست ۾ ضرورت پوڻ تي پيپلزپارٽي ئي ساٿ ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ احتساب جي نالي تي پيپلزپارٽي کي نشانو بڻايو ويو، آصف علي زرداري پهريون ڀيرو صدر چونڊيو ته ڪوبه سياسي قيدي نه هو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ انصاف باني دور ۾ سندس پڦي کي گرفتار ڪيو ويو، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته هو سياسي طور تي ڪنهن کي به نشانو بڻائڻ جا حامي ناهن، مسئلن جي حل لاءِ پيپلزپارٽي ڳالهين تي يقين رکي ٿي. پ پ چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف باني جي دور سياسي قيدين لاءِ جيل مينو تبديل ڪيو ويو، هاڻي جيل مينو تبديلي ۽ سهولتن جي فراهمي جي اپيل ڪئي پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف علي زرداري سياسي قيدي طور ڊگهو عرصو جيل ۾ گذاريو، پ پ اقتدار ۾ آئي ته هنن چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي ۽ هميشه نيب جي احتساب واري نظام جي مخالفت ڪئي، هو سمجهن ٿا ته رياستي ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون