- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، موسمياتي تبديلي وڏو چئلينج آهي، ٽيڪنالاجي ذريعي ترقي جا نوان رستا کلي ويا آهن، نوجوانن کي فيصلا ڪرڻ جو هنر سکڻو پوندو، جيڪڏهن ٽيڪنالاجي تربيت حاصل نه ڪئي وئي ته دنيا کان پوئتي رهجي ويندا.
ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ هتي ڪامياب آفيسرن کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي، هو ٻئي سينيئر مينجمينٽ ڪورس جي ڪاميابي تي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪ ڏين ٿا.
سندس چوڻ هو ته سينيئر مينجمينٽ ڪورس حڪمراني جي بدلجندڙ چئلينجن لاءِ ضروري آهي، پيشواراڻي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تربيتي پروگرام اهم آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ گورننس جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هاڪاري قيادت ضروري آهي، شفاف ۽ بهتر حڪمراني ڪنهن به ترقي يافته معاشري جو بنياد آهي، هي قدم سول سروس جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ طرف اهم قدم آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ سول سروسز اڪيڊمي قائم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، سنڌ جو عوام هڪ قابل، ديانتدار ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وقف سول سروس جو منتظر آهي، وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال ۽ عوامي مفاد ۾ فيصلا ترجيح هئڻ گهرجن.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽريننگ ميجمنٽ اينڊ ريسرچ پنگ جو نئين آفيس ۽ جديد تربيتي سهولتن جو افتتاح اهم ڪاميابي آهي، ٽي ايم آر ونگ لاءِ جڳهه مختص ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري جا ٿورائتا آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته هو تيزي سان تبديلي جي دور ۾ رهن پيا، جتي حڪمراني تيزي سان مونجهاري جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، موسمياتي تبديلي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال سبب حڪومت جو ڪردار وڌيڪ چيلجنگ ٿي ويو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته دنيا تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، موسمياتي تبديلي وڏو چئلينج آهي، ٽيڪنالاجي ذريعي ترقي جا نوان رستا کلي ويا آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي فيصلا ڪرڻ جو هنر سکڻو پوندو، جيڪڏهن ٽيڪنالاجي تربيت حاصل نه ڪئي وئي ته دنيا کان پوئتي رهجي ويندا.- Advertisement -
