ٽيڪس ڪيسن جي حل لاءِ ٺاهيل ڪميٽي جون سفارشون منظرعام تي اچي ويون

- Advertisement -
سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ ٽيڪس ڪيسن جي حل لاءِ ٺاهيل ڪميٽي جون سفارشون منظرعام تي اچي ويون آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ 7 نومبر 2024ع جي هڪ اجلاس ۾ اهم انڪشاف ٿيا. اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ هڪ لک 8 هزار 366 اهڙا ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، جن ۾ 4 هزار 457 ارب رپين جي رقم شامل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ لڳ ڀڳ 6 هزار ريونيو جا ڪيس دير جو شڪار آهن. اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته مختلف ٽربيونلز ۽ عدالتن ۾ لڳ ڀڳ 2 هزار ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، جن ۾ منع ناما جاري ٿي چڪا آهن. ڪميٽي تجويز ڏني ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ اي ڊي آر يونٽ قائم ڪيو وڃي ته جيئن ايف بي آر ۽ ٻين رياستي ادارن جي اي ڊي آر نظام جي نگراني ڪري سگهجي. ڪميٽي تجويز ڏني ته سپريم ڪورٽ ۽ سمورين هائيڪورٽن ۾ هڪ اي ڊي آر سيل قائم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
39%
3.7m/s
78%
آچر
27 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
28 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون