تازه ترين

وفاقي حڪومت پاران ٽن مرحلن ۾ 24 سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
وفاقي حڪومت 24 سرڪاري ادارن کي ٽن مرحلن ۾ خانگائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير عبدالعليم خان سرڪاري ادارن کي خانگائڻ بابت تفصيل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري  ڇڏيا. خانگاهڻ واري وفاقي وزير طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن موجب، پهرين هڪ سال ۾ ڏهن ادارن کي خانگايو ويندو، ان کانپوءِ ايندڙ هڪ کان ٽن سالن ۾ 13 ادارن کي خانگايو ويندو ۽ هڪ اداري کي خانگاهڻ لاءِ 3 کان 5 سال جو آخري مرحلو هوندو. قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل جواب موجب، پهرين مرحلي ۾ پي آءِ اي، روز ويلٽ هوٽل ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ کي خانگايو ويندو، آئسڪو سميت ٽن بجلي ڪمپنين کي به پهرين مرحلي ۾ خانگايو ويندو. عبدالعليم ٻڌايو ته ٻئي مرحلي ۾ يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن ۽ چئن جنڪوز کي خانگايو ويندو، ليسڪو سميت ڇهن ڊسڪوز کي به ٻئي مرحلي ۾ خانگايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون