- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت جي امڪاني ايڊونچر کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته ڀارت کي ڪنهن به ايڊونچر کان پهريان اهو ضرور سوچڻ گھرجي ته جواب ۾ کيس ڪهڙو نقصان پئجي سگھي ٿو.
هن چيو ته سياسي طور تي مودي کي ڀارت ۾ گهڻو ٿي رهيو آهي، ڀارت جو عوام به کائنس پڇي رهيو آهي ته هن ملڪ سان ڇا ڪيو آهي.
دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته ڀارت عالمي سطح تي اڪيلو ٿي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جو مختلف ملڪن طرفان استقبال ڪيو پيو وڃي، ڀارت سمجهي ٿو ته ان جو ڪو مقابلو ناهي ۽ هو پاڻ کي خطي جو کيڊر سمجهندو هو.- Advertisement -
