قطري وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني ۽ ترڪيه جو انٽيليجنس چيف ابراهيم قالن مصر ۾ غزه جنگ بندي ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا

- Advertisement -
قطري وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني ۽ ترڪيه جو انٽيليجنس چيف ابراهيم قالن مصر ۾ غزه جنگ بندي ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا. قطر جي پرڏيهي وزارت جي آفيسر ماجد الانصاري الجزيره کي ٻڌايو ته قطري وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ٻين ٽياڪڙي ڪندڙن سان ملاقات ڪندو جن ۾ آمريڪا جو خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر شامل آهن. ماجد الانصاري موجب، ملاقات جو مقصد غزه ۾ جنگ بندي جي منصوبي ۽ يرغمالين جي آزادي واري معاهدي کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن چيو ته قطري وزيراعظم جي شرڪت ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪ جنگ جي خاتمي جي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ پرعزم آهن. عرب ميڊيا موجب، ترڪيه جو انٽيليجنس چيف ابراهيم قالن سڀاڻي شرم الشيخ ۾ غزه جنگ بندي ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. ان کان اڳ حماس جي هڪ اڳواڻ عرب ٽي وي کي ٻڌايو ته شرم الشيخ ۾ اڄ ٿيندڙ ڳالهين جو دور ختم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ يرغمالين جي آزادي ۽ اسرائيلي فوج جي واپسي سان لاڳاپيل معاملن تي بحث ڪيو ويو. حماس اڳواڻ چيو ته حماس مطالبو ڪيو آهي ته يرغمالين جي آزادي کي اسرائيلي فوج جي واپسي سان ڳنڍيو وڃي، حماس جو مطالبو آهي ته آخري يرغمالي جي آزادي سان گڏ اسرائيلي فوج جي مڪمل واپسي سان گڏ هجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
26%
4.3m/s
46%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون