راولپنڊي ۾ پوليس مقابلو، افغان دھشتگرد سميت 3 ڏوھاري مارجي ويا

- Advertisement -
راولپنڊي جي صد واهه ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ انتهائي خطرناڪ گھربل ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ انتهائي گھربل افغان دهشتگرد گرد آدم خان سميت ٽي ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب، پشاور ۽ راولپنڊي پوليس جي گڏيل ٽيم ڳجهي اطلاع تي نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڇاپو هنيو، پوليس کي ڏسندي ئي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني جنهن تي اهلڪارن جوابي ڪارروائي ڪئي. پوليس ترجمان موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويل ٽنهي ڏوهارين جي سڃاڻپ افغان دهشتگرد آدم خا، مجاهد افغاني ۽ محمد جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته نور رحمت نالي هڪ ڄڻي کي زخمي حالت حالت ۾ گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب، مارجي ويل دهشتگرد گرد آدم خان ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل هو ۽ هن پاڪستاني شهريت جا جعلي دستاويز ٺاهي رکيا هئا. واقعي کانپوءِ سينيئر پوليس آفيسرن واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيو ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. سي پي او راولپنڊي سيد خالد همداني ڪاميابي ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو ته شهرين ۽ فورسز تي حملو ڪندڙ عنصر قانون جي گرفت کان بچي نه سگھندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
26%
4.3m/s
46%
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون