- Advertisement -
حيدرآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي.
ڦليلي ٿاڻي جي حد مڪراڻي پاڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ منيب مختيار عباسي سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن موجب منيب رات دير سان سامان وٺڻ لاءِ نڪتو ته اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پوليس موجب، وارثن جو چوڻ آهي ته منيب ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندو هو، ڪنهن سان به دشمني نه آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
