- Advertisement -
تحريڪ انصاف جو سهيل آفريدي خيبرپختونخوا جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو، سهيل آفريدي 90 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، مخالف ڌر نئين وڏي وزير جي چونڊ کي غير آئيني قرار ڏيندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو ۽ وڏي وزير جي چونڊ کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسپيڪر بابر سليم سواتي جي صدارت هيٺ خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، علي امين گنڊاپور جي ايوان ۾ پهچڻ تي حڪومتي ميمبرن اٿي بيهي سندس آجيان ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ باني وڏو وزير بڻايو هو ۽ جنهن ڏينهن هن چيو ان ئي ڏينهن پنهنجي ليڊر جي هدايت تي عمل ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ڏني.
هن چيو ته جمهوري عمل کي مذاق نه بڻايو وڃي جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي ان کي وڌيڪ برداشت نه ڪندا، 19مهينن ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو رڪارڊ تي موجود آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته جڏهن کين حڪومت ملي ته رڳو 18 ڏينهن جي پگهار هئي اڄ صوبائي خزاني ۾ 218 ارب رپيا موجود آهن.
مخالف ڌر اسيمبلي اجلاس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي ايوان ۾ واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عباد الله اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي استعيفيٰ منظور نه ٿي آهي، هڪ وڏي وزير جي هوندي ٻئي وڏي وزير جي چونڊ نٿي ٿي سگهي.
هن چيو ته گورنر ڪي پي، علي امين گنڊاپور کي گهرايو آهي ته جيئن شڪ شبها ختم ٿي وڃن، نئين وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني ۽ غير قانوني آهي هو ان جو حق نه بڻجندا.
اسپيڪر بابر سليم سواتي مخالف ڌر جي اڳواڻ جي خطاب کانپوءِ چيو ته علي امين گنڊاپور ٻيهر استعيفيٰ گورنر کي اماڻي آهي ۽ اڄ ايوان ۾ به استعيفيٰ جو اعلان ڪيو، ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته سهيل آفريدي وڏو وزير نه بڻجي، پر آئين ماڻهن جي خواهشن تي نٿو هلي سگهي.
اسپيڪر رولنگ پڙهندي چيو ته وزيراعليٰ جي چونڊ مڪمل طور آئيني ۽ قانوني آهي، علي امين گنڊا پور اسيمبلي جي فلور تي پنهنجي استعيفيٰ جي تصديق ڪئي آهي.
اسپيڪر نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو جنهن کانپوءِ اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي ۽ سهيل آفريدي 90 ووٽ کڻي وڏو وزير چونڊجي ويو.
ڪي پي اسيمبلي ۾ ميمبر جو انگ 145 آهي جن ۾ حڪومتي ميمبرن جو انگ 93 ۽ مخالف ڌر جا 52 ميمبر آهن، قائد ايوان جي چونڊ لاءِ 73 ووٽ گهربل هوندا آهن.
مخالف ڌر ڪي پي جي وڏي وزير جي چونڊ کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عباد الله چيو ته هو وڏي وزير جي چونڊ کي سڀاڻي عدالت ۾ چئلينج ڪندا…….- Advertisement -
