تازه ترين

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو شيڊيول واپس وٺي ڇڏيو

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو شيڊيول واپس وٺي ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن، سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ تي غور ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري طرفان اجلاس کي جامع بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پنجاب اسيمبلي پنجاب لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2025ع منظور ڪيو آهي، گورنر به منظوري ڏني آهي، نئين ايڪٽ سان پنجاب لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2022ع رد ٿي ويو آهي، ايڪٽ 2022ع تحت  موجوده تڪبندين بابت نوٽيفڪشن واپس وٺڻ گهرجي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ ڊسمبر ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ وارو شيڊيول واپس وٺندي پنجاب حڪومت کي وڌيڪ چئن هفتن جي مهلت ڏني ۽ تڪبندين جو ڪم روڪي ڇڏيو. مڪاني چونڊن لاءِ تڪبندين جو شيڊيول واپس وٺڻ جو فيصلو پنجاب حڪومت جي درخواست تي ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2025ع تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي تڪبندين ۽ ڊيمارڪيشن رولز لاءِ چئن هفتن جي مهلت ڏني، جنهن ۾ اضافو نه ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب مقرر وقت ۾ ڪم نه ٿيو ته معاملي جي ٻڌڻي ڪري مناسب فيصلو  ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
16 %
2.4kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون